اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊون 2024ع جي ??تيجن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته چونڊون مجموعي ??زا??اڻيون ۽ منصفاڻيون ٿيون آهن، اسان پاڪستان جي ??عاشي استحڪام ۽ نئين حڪومت جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيون، مواصلات جي بندش صرف دهشتگردي جي ??اقعن جي روڪٿام لاءِ هئي، ان قدم جو ڪو ٻيو سياسي مقصد نه هو. ٽي آر ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اقتدار سونپڻ جو اختيار پارليامينٽ جو آهي، اتي جيڪو به گهربل نمبر پورو ڪندو اقتدار اهو ئي سنڀاليندو. چونڊن لاءِ پولنگ واري ڏينهن انٽرنيٽ ۽ مواصلاتي بندش جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عام چونڊن کان صرف هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملا ٿيا جنهن جو مقصد جمهوري عمل کي متاثر ڪرڻ هو، سيڪيورٽي ادارن طرفان به اهڙا اطلاع هئا ته هي سلسلو صرف ٻن صوبن تائين محدود نه رهندو، اسان جو ڪم عوام کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ هو. اسان پنهنجي عوام جي جانين کي خطري ۾ نٿي وجهي سگهياسين، مواصلاتي بندش جو مقصد دهشتگردن کي انهن جي ??ڪروه مقصدن کان پري رکڻ هو. ان جو مقصد ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت نه هئي. هن قدم سان عوام کي پرامن طور پنهنجي ??وٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ميسر آيو ۽ ان بنا خوف ۽ خطري جي ??زا??اڻي ماحول ۾ پنهنجي ??وٽ جو حق استعمال ڪيو. پاڪستان جو عوام بهادر ۽ پُرعزم آهي، هن چيو ته وڌل ووٽن جي حتمي انگن جي باري ۾ ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي، تنهن هوندي به ماڻهن جو وڏو انگ ووٽ وجهڻ ٻاهر نڪتو. مون کي خوشي ٿيندي ته جيڪڏهن هي ٽرن آئوٽ 40 کان 50 سيڪڙو پهچي ٿو. هن چيو ته نتيجن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته عام چونڊون مجموعي چونڊون ??زا??اڻيون ۽ منصفاڻيون ٿيون آهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته 2002ع ??انپوءِ سياسي ۽ جمهوري طور جيڪا تبديلي آئي اها پارليامينٽ مان ئي آئي، عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ به فلور آف دي هائوس مان ٿي. اهڙي جمهوري سرگرمين کي ڪنهن مداخلت سان جوڙي نٿو سگهجي، هي جمهوري عمل جو حصو آهي ان تي تنقيد صحيح نه آهي.