اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستا?? اسرائيل جي قابض فوج جي هٿان خميس ڏينهن معصوم فلسطينين جي قتل عام جي سخت مذمت ڪئي آهي جيڪي غزه ۾ حياتي بچائيندڙ امداد ۽ خوراڪ جي پهچ جا منتظر هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو قتل عام تهذيب ۽ عالمي انساني قانون جي خلاف ورزي ۽ اسرائيل پاران وڏي پئماني تي فاقه ڪشي جي ڄاڻي واڻي ۽ غيرانساني پاليسي جي واضح بي توقيري کي ظاهر ڪري ٿو. ??ن چيو ته پاڪستان فوري جنگبندي، غيرانساني گهي??اء?? ختم ڪرڻ ۽ غزه ??ي ماڻهن تائين انساني امداد جي بنا رڪاوٽ پهچ ??ي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرائيل کي انسانيت جي خلاف پنهنجي ڏوهن جي لاءِ پڻ ا??صاف کي منهن ڏيڻ گهرجي جيڪي فلسطيني عوام جي خلاف ڇوٽ سان ڪيا پيا وڃن.