گوادر – 05 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته گوادر جي طوفاني برساتن کان متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ امداد جي ??اءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، متاثر مواصلاتي ڍانچي جي بحالي ۽ نجي ??لڪيتن جي ??قصانن جي تفصيلي جائزي تي جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي، تازي طوفاني برساتن جي ??تاثرين جي ??دد ۽ بحالي جي ??اءِ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي. وز??راعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ جي ??ئي ڏينهن ئي وز??راعظم گوادر پهچي ويو. گوادر پهچڻ تي بلوچستان جي ??ڏي وز??ر مير سرفراز بگٽي سندس آج??ان ڪئي. وز??راعظم امدادي ڪئمپ ۾ موجود طوفاني برساتن جي ??تاثرين ۾ امدادي سامان ورهايو. ان موقعي تي هن متاثر ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته وزارت عظميٰ جو حلف کڻندي ئي هو هتي آيو آهي، ائين ??ٿو ٿي سگهي ته گوادر ۾ طوفاني برساتن جي ??تاثرين کي هن مشڪل وقت ۾ اڪيلو ڇڏيو وڃي. ان کان اڳ وز??راعظم اڏام دوران اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کان گوادر ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ تازي طوفاني برساتن سان ٿيندڙ نقصانن ۽ جاري امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ورتي. وز??راعظم کي ملڪ جي ??ين علائقن ۾ نقصانن ۽ متاثرين جي ??دد لاءِ قدمن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيٽلائيٽ جي ذريعي قدرتي آفتن کان وقت کان اڳ آگاهي جي ??اءِ نظام جوڙيو وڃي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته متاثر مواصلاتي ڍانچي جي بحالي ۽ نجي ??لڪيتن جي ??قصانن جي تفصيلي جائزي تي ٻڌل رپورٽ جلد پيش ڪئي وڃي، تازي طوفاني برساتن جي ??تاثرين جي ??دد ۽ بحالي جي ??اءِ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي، متاثرين جي ريسڪيو ۽ انهن جي امداد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي.