رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس ج?? سائيڊ لائينز تي سعودي عرب جي سيڙپڪاري وزير خا??د الفالح، سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد الجد عان ۽ سعودي عرب جي صنعتن واري وزير بندر بن ابراهيم الخير??ف ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا تلاش ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق سعودي عرب جي سيڙپڪاري وزير ملاقات ۾ وزيراعظم کي ”پرائم منسٽر آف ايڪشن“ قرار ڏيندي چيو ته اسان سڀئي توهان جي ڪارڪردگي ۽ ڪم ڪرڻ جي رفتار کان آگاهه آهيون. هن چيو ته اوهان پاڪستان جي ترقي جي مشن کي وٺي هلي رهيا آهيو جنهن ۾ اسان سڀئي توهان سان گڏ آهيون، اوهان جو مشن اسان جو مشن آهي. سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير چيو ته سعودي سيڙپڪارن جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. هن چيو ته سيڙپڪاري جي حوال?? سان پاڪستان اسان جي اولين ترجيح آهي. زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڀرپور سهڪار جاري رهندو. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستانين سعودي عرب جي مختلف شعبن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم ۽ سعودي عرب جي ناڻي واري وزير ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا تلاش ڪندو. سعودي ناڻي واري وزير سعودي عرب طرفان پاڪستان جي اقتصادي ترقي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي ترقي سعودي عرب جي ترقي آهي. هن چيو ته سعودي عرب ويزن 2030ع جي حوال?? سان حڪومتي سطح تي سڌارا ڪيا ۽ مشڪل فيصلا ڪيا. وزيراعظم سان سعودي عرب جي صنعت واري وزير به ملاقات ڪئي. سعودي صنعت واري وزير زراعت، معدنيات، آءِ ٽي ۽ ٻي?? شعبن ۾ پاڪستان سان گڏيل شراڪتداري جي حوال?? سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. سعودي صنعت واري وزير چيو ته سعودي خا??گي ڪمپنين سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوال?? سان رابطا آهن ۽ انهن ڪمپنين جا نمائنده جلد پاڪستان جو دورو ڪندا. ٻنهي ملڪن جي خا??گي شعبن وچ ۾ شراڪتداري اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. سعودي عرب جي وزيرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي خادم الحرمين الشريفينسلمان بن عبدالعزيز آل سعود، سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود ۽ سعودي وزيرن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته منهنجي گذريل حڪومتي دور ۾ سعودي عرب جي حماي?? ۽ ??دد سبب ئي اسان جون معاشي حالتون بهتر ٿيون. هن چيو ته سعودي عرب ۽ پاسڪتان هڪ ٻئي جا اسٽريٽجڪ پارٽنر آهن. انهن ملاقاتن ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، سڌ سماءَ وارو وزير عطاالله تارڙ، پيٽروليم وارو وزير مصدق ملڪ، واپار وارو وزير ڄام ڪمال خا?? ۽ اويس احمد خا?? لغاري به موجود هئا.