اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻڌمت جي باني گوتم ٻڌ سان منسوب ڏڻ ويساڪ جي مو??عي تي سڄي دنيا ۾ ٻڌمت جي پيروڪارن کي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان ويساڪ جي ڏينهن جي مو??عي تي ٻڌمت مذهب جي پيروڪار دوستن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيون ٿا. هي ڏينهن سڀني جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ هم آهنگي آڻي. وزيراعظم چيو ته اچو پنهنجي گڏيل ورثي کي اجاگر ڪريون ۽ گڏيل ??حت??ام ۽ افهام تفهيم جي لاءِ ڪوششون جاري رکون.