بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ناردرن انڊسٽري ڪارپوريشن (نورينڪو) جي چيئرمين ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. نورينڪو جي چيئرمين محمد شهباز شريف جي پنجاب جي وڏي وزير جي طور ترقياتي من??وب?? کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ پنجاب اسپيڊ جو خصوصي ذڪر ڪيو. نورينڪو جي چيئرمين وزيراعظم جي نگراني هيٺ من??وب?? جي رفتار ۽ م??يار کي ساراهيندي چيو ته توهان جي سرپرستي ۾ لاهور اورنج ٽرين ميٽرو جو من??وب?? وقت سر تيار ٿيو. وزيراعظم نورينڪو جي چيئرمين کي پاڪستان ۾ مواصلات جي من??وب?? خاص طور تي ڪراچي سرڪلر ريلوي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون پيون وڃن، ان حوالي سان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل حڪومت جو هڪ اهم قدم آهي.