اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ مضبوط دوستي جي وراثت کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ جي ??اء?? پارلياماني مٽاسٽا جي تسلسل تي اتفاق ڪيو آهي. سي پيڪ سياسي پارٽين جي گڏيل مشاورتي مڪينزم (جي سي ايم) جي ٽئين اجلاس کانپوءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (آءِ ڊي سي پي سي) ج?? عالمي سعبي جي وزير ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر ليو جيان چائو ميڊيا کي ٻڌايو ته اجلاس ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي سياسي اتفاق راءِ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جنهن چين جي وزير ليو جيان چائو سان گڏيل طور تي جي سي ايم اجلاس جي صدارت ڪئي، هن ??يو ته هي پهريون موقعو آهي ته اسلام آباد جي سي ايم اجلاس جي ميزباني ڪئي آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي تازي دوري جي فوري پوءِ ان جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي. هن ??يو ته اجلاس ۾ پاڪستان جي سمورين وڏين سياسي پارٽين کي گهرايو ويو هو ۽ سينيئر اڳواڻن جي موجودگي پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جي ??اء?? مضبوط دوستي جي اهميت تي اتفاق راءِ جو مظهر آهي. هن ??يو ته سياسي پارٽين سياسي پيڪ منصوبن تي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ان جي اپ گريڊيشن جي ??اء?? ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ??يو ته اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ??اء?? سياسي پارٽين جي ڪردار جو ورجاءُ ڪيو. هن ??يو ته آءِ ڊي سي پي سي وڌيڪ بين الپارلياماني ڳالهه ٻولهه جي ??اء?? 300 پاڪستاني پارليامينٽرينز کي چين گهرائيندي. اسحاق ڊار ??يو ته جي سي ايم پاڪ چين لاڳاپن سان گڏوگڏ سي پيڪ ۾ پڻ نئين روح وڌي آهي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي اڳواڻن ۽ عوام جي تصور موجب ٻطرفي دوستي مضبوط کان مضبوط تر ٿيندي رهندي. چيني وزير ليو جيان چائو ??يو ته چين ۽ پاڪستان سي پيڪ جي اهميت ۽ عوام جي ??اء?? ان جي فائدن تي متفق آهن. هن ??يو ته عالمي چئلينجز جي پس منظر ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ حصيداري انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سياسي پارٽيون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري تعاون جي ??اء?? ڪوششون جاري رکنديون. ماڻهن جي وچ ۾ رابطن تي زور ڏيندي ليو جيان چائو خاص طور تي جعلي خبرن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ بهتر تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي ??اء?? ميڊيا رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.