اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پرڏيهي وزارت ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ هن سال 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايس سي او ڪائونسل آف ??يڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي اجلاس جي ضرورتن ۽ انتظامن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ ايس سي او ڪائونسل آف ??يڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس جي ميزباني کي بهتر ا??داز ۾ يقيني بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ اقتصادي معاملن، گهرو معامل، اطلاعات ۽ نشريات وارن وارن وفاقي وزيرن کانسواءِ پرڏيهي معاملن، ڪابينا ۽ گهرو معاملن جا سيڪريٽريز ۽ سي ڊي اي چيئرمين شامل آهن. ڪميٽي ضرورتن جي تع??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ايس سي او جي مشق، پاڪستان جي عالمي حيثيت، پاڪستان جي روايتي مهمان نوازي سان هم آهنگ موثر ا??تظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن جاري تيار??ن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تيارين جي رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. 2017ع ۾ ايس سي او جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان پاڪستان ايس سي او جي مختلف فارميٽس ۾ سرگرمي سان حصو وٺي رهيو آهي. پاڪستان ايس سي او ڪائونسل آف ??يڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي چيئر طور هن سال خزان ۾ ڪائونسل آف ??يڊز آف گورنمينٽ جي 23 هين اجلاس جي ميزباني ڪندو. ڪائونسل آف ??يڊز آف گورنمينٽ ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز ادارو آهي، اهو سماجي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ٻين انساني تعاون جي مسئلن سان گڏوگڏ ايس سي او جي بجيٽ ۽ مالياتي معاملن بابت آهي.