اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي زمبابوي، تاجڪستان، روانڊا، ارجنٽائن، ميانمار، ڪمبوڊيا ۽ بوٽسوانا جي سفيرن سندون پيش ڪيون ۽ جدا جدا ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ون?? موجب صدر ان موقعي تي ??يو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، دوست ملڪ پاڪستان جي سيڙپڪاري دوست ماحول مان فائدو کڻن، غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين، پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاو?? کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان اقتصادي تعاو?? وڌائڻ، دوست ملڪن سان واپاري ڪاٿي کي ڀرپور صلاحيت موجب وڌائڻ کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. صدر اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري سفير?? کي پاڪستان ۾ بطور سفير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته نامزد سفير گڏيل طور تي لاڀائتي تعاو?? کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفير?? کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي ??ارڊ آف آنر پيش ڪيو.