لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو آهي، ته چين پاڪس??ان جو پراڻو دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪس??ان جي مدد ڪئي، چين پاڪس??ان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جهڙي قومي نوعيت جي ترقياتي منصوبن تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراع??م ميڊيا آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان مطابق انهن خيالن جو اظهار هن صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. چ??ن جي سرڪاري اداري چائنا پبلڪ ڊپلوميسي ايسوسيئيشن جي دعوت تي چ??ن جي سرڪاري دوري ??ان واپس آيل صحافين جي 7 رڪني وفد گذريل ڏينهن لاهور ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي هاڻوڪي چ??ن جي دوري ۾ چيني قيادت ۽ چيني عوام طرفان مثالي مهمان نوازي تي انهن جو ٿورائتو آهيان، چ??ن جي هاڻوڪي دوري کان پوءِ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي اڳڀرائي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته پاڪس??ان ۾ چ??ن جي رهواس??ن جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته چ??ن جهڙي پراڻي دوست سان لاڳاپن تي سياست جي ڪنهن به قسم جي گنجائش ناهي، سي پيڪ جي ٻي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد جاري آهي. هن چيو ته چيني ماهرن جي پاڪس??ان جي هاڻوڪي دوري ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. ملاقات ۾ سڌ??ماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ به موجود هو. صحافين جي وفد ۾ دنيا نيوز جو سلمان غني، عامر مير، هم نيوز جو شيراز حسن، روزنامه جنگ جو خضر حيات، ڊان نيوز جو خالد حسنين، جيو نيوز جو اع??م ملڪ ۽ پاڪس??ان ٽيليويزن جو مطيع الرحمان شامل هئا. وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي چ??ن جي هاڻوڪي دوري دوران تجربن ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي سان پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪيو. وفد پنهنجي چ??ن جي دوري دوران ٿيل ملاقاتن جي بنياد تي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته چين پاڪس??ان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي چيني قيادت ۽ چيني عوام جي پاڪس??ان حڪومت بابت تاثرن کان به آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پاڪس??ان ۾ چيني سيڙپڪاري خاص طور چين پاڪس??ان اقتصادي راهداري تي ڪم جي موجوده رفتار ۽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومتي قدمن تي اطمينان جو تاثر ڏٺو پيو وڃي. چيني عهديدارن شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم جي سڌ??رن وارن قدمن جي به تعريف ڪئي. وفد ۾ شامل ٿيندڙن ٻڌايو ته سندن هاڻوڪي دوري دوران چيني عهديدارن سان ملاقات ۾ چين پاڪس??ان معاشي شراڪتداري باري ۾ عام طور ۽ سي پيڪ تي خاص طور گرم جوشي جو تاثر مليو.