اسلام آباد-28 جولاءِ (ا?? پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته هيپاٽائيٽس عالمي سطح تي وڏو چئلينج آهي، هيپاٽائيٽس کان بچڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ايوان صدر پريس ونگ مان ج??ري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري ه??پاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن تي جار?? پيغام ۾ چيو ته هيپاٽائيٽس هڪ خاموش قاتل آهي ڇاڪاڻ ته ان بيماري جون نشانيون ظاهر نه ٿيڻ سان ان جي ڦهلجڻ جو خط??و وڌي ويندو ??هي، هيپاٽائيٽس سبب عالمي سطح تي وڏي پئماني تي فوتگيون ٿي رهيون آهن. صدر مملڪت چيو ته هيپاٽائيٽس سان اسان جي ملڪ ۾ صحت کي شديد خط??ا لاحق آهن، پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جي تعداد ۾ اضافي سان اسان جي صحت جي نظام تي بار پوي ٿو، صحت جي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيع پئماني تي اسڪريننگ ۽ وقت تي سڃاڻپ جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چيو ته سڄي ملڪ ۾ احتياطي اپائن کي ه??ي وٺرائي، اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جون سهولتون وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ ان حوالي سان علاج جي اهميت جي باري ۾ ڄاڻ پيدا ڪرڻي پوندي، ان بيماري کان بچاءَ ۽ خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چيو ته ميڊيا، تعليمي ادارن، استادن ۽ سول سوسائٽي ذريعي ه??پاٽائيٽس جي باري ۾ عوام کي ڄاڻ ڏيڻي پوندي، اچو ته گڏجي ملڪ کي ه??پاٽائيٽس کان پاڪ بڻايون.