اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) مسجد نبوي جو امام الشيخ ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير 7 ڏينهن ج?? خير سگالي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. مذ??بي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب مذ??بي معاملن واري وزير چوڌري سا??ڪ حسين، سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي ۽ سيڪريٽري مذ??بي معاملا ذوالفقار حيدر سندس هوائي اڏي ت?? استقبال ڪيو. مسجد نبوي جو امام فيصل مسجد ۾ جمعي جي نماز جي امامت ڪندو. پاڪستان ۾ ترسڻ دوران ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. ان کان علاوه سندس پاڪستاني عالمن سان ملاقات به شيڊول جو حصو آهي.