رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪچي جي علائقي ۾ آپريشنل فورس جي حوالي سان حفاظتي قدمن جي ضرروت تي زور ڀريندي فورس کي جديد هٿيارن ۽ سيفٽي اوزارن سان ليس ڪرڻ ۽ آئنده ??اء?? اهڙن و??قع?? جي روڪٿام ??اء?? سمورن ضروري قدمن ۽ ڪچي جي شرپسندن خلاف موثر ۽ جامع آپريشن جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير جي صدارت هيٺ رحيم يار خان ايئرپورٽ تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير کي ڪچي جي علائقي ۾ پيش آيل افسوس??اڪ و??قع?? جي باري ۾ پنجاب پوليس، پنجاب رين??رز ۽ سنڌ پوليس طرفان بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير ڪچي جي علائقي ۾ آپريشنل فورس جي حوالي سان حفاظتي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. هن آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فورس کي جديد هٿيارن ۽ سيفٽي اوزارن سان ليس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته انتهائي افسوس??اڪ و??قع?? ٿيو آهي ۽ اسان جي 12 بهادر جوانن شهادت ماڻي آهي، گهرو وزير آئنده اهڙن و??قع?? جي روڪٿام ??اء?? سمورن ضروري قدمن جي هدايت ڪئي ۽ ڪچي جي شرپسندن خلاف موثر آپريشن جو حڪم ڏنو. محسن نقوي چيو ته شرپسندن سان لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو، حملي آورن کان بدلو وٺڻ ??اء?? آخري حد تائين وينداسين، پنهنجي بهادرن جي رت جو بدلو وٺڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. اجلاس ۾ آءِ جي پوليس پنجاب، ڊي جي رين??رز پنجاب، سي ٽي ڊي پنجاب، پنجاب ۽ سنڌ پوليس جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.