اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ث??اف?? واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ، ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن ڊپارٽمينٽ ريجنل آفيس لاهور شفقت عباس جي ڀاءُ ڊي ايس پي ٽريفڪ پوليس راولپنڊي چوڌري مسرت عباس جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي تعزيتي بيان م سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته چوڌري مسرت علي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو رسيو، مرحوم انتهائي محنتي ۽ قابل آفيسر هو. هن چيو ته چوڌري مسرت عباس جي لاڏاڻي سان پوليس کاتي ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏهن ب?? ڀرجي نه سگهندو. ملڪ ۽ قوم لاءِ مرحوم جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.