اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته دوست ملڪن مان سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي سُسِتي قبول نه آه??، سمورا وزير ۽ لاڳاپيل ادارا تجويز ڪيل منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ قيمتي پٿرن ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آه??، انهن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو پر لکين نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان قدمن تي جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ري??نگ ايجنسي موڊيز پاران پاڪستان جي ڪريڊٽ ري??نگ کي اپ گريڊ ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي ٽيم جون ڪوششون ڪامياب ٿي رهيون آه??، گذريل ح??وم?? جي دور ۾ ملڪ جي خاطر پنهنجي سياست جي قرباني ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني معيشت کي ڊيفالٽ کان بچايو، معيشت استحڪام کانپوءِ ترقي طرف گامزن آه??، ح??وم?? پاران قومي مفادن کي سياسي مصلحتن تي ترجيح ڏيڻ جي پاليسي جا مثبت اثر هاڻي معيشت تي نظر اچڻ لڳا آه??، موڊيز پاران پاڪستان کي سي اي اي ٽو ري??نگ ڏيڻ ح??وم?? جي معاشي پاليسين جي صحيح هجڻ جو عالمي اعتراف آه??. وزيراعظم چيو ته اميد آه?? ته معيشت انهي رفتار سان مثبت رخ ۾ اڳتي وڌندي رهندي، ان اهم اڳڀرائي ۽ معيشت جي مجموعي بهتر صورتحال جي حوالي سان ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آه??، دوست ملڪن مان ملڪ جي مختلف شعبن ۾ اربين رپين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ح??وم?? جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين جو نتيجو آه??. وزيراعظم چيو ته دوست ملڪن مان سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي سستي قبول نه آه??، سمورا وزير ۽ لاڳاپيل ادارا تجويز ڪيل منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ قيمتي پٿرن ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آه??، انهن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو پر لکين نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي عالمي ري??نگ جي اداري موڊيز جي پاڪستان جي ري??نگ ۾ بهتري، مختلف شعبن ۾ دوست ملڪن سان سيڙپڪاري جي معاهدن تي اڳڀرائي ۽ جاري منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي تحت منصوبن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سمورن منصوبن ۾ شفافيت جي عنصر کي اهميت ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي لاڳو ڪرڻ کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، مملڪتي وزيرن علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه خواجه، منصوبابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.