اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاق?? وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته حڪومت مقامي واپارين کي س??ولتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، مقامي صنعت کي ه??ي ڏيڻ ۽ درپيش مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ليڌر اينڊ فٽ ويئر ڪائونسل جي نمائندن سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وفاق?? وزير چيو ته اڄ جي گڏجاڻي جو بنيادي مقصد ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ آهي ۽ ان کي فعال ۽ اثرائتو بڻائڻ آهي. وفاق?? وزير چيو ته حڪومت صنعت ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ ۽ تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهي. ان موقعي تي پاڪستان ليڌر اينڊ فٽ ويئر ڪائونسل جي چي??رمين چوڌري ذوالفقار حيات وفاق?? وزير جي ويزن کي ساراهيو. چي??رمين چيو ته پهريون ڀيرو هڪ وزير حقيقي طور تي انهن ڪائونسلن کي بااختيار بنائڻ جي باري ۾ سوچي رهيو آهي. هن چيو ته ڪائونسلن لاءِ هڪ سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان واپار وار?? وزارت طرف مڪمل تعاون حاصل هجي ۽ مستقبل جي قدمن کي اڳيان وڌائڻ لاءِ هڪ بلٽ ان مڪينزم سان گڏ ڪم ڪيو وڃي. وفاق?? وزير ڪائونسل جي ميمبرن تي زور ڀريو ته اهي 15 ٻين سيڪٽرل ڪائونسلن سان پن??نج??ن تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪن، انهن سفارشن ک?? وزيراعظم جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ ۾ غور ۽ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.