پشاور -11سيپٽمبر (اي پ?? پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته ??اب??ءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۽ سندس ڏاهپ اسان جي قومي تاريخ جو روشن باب آهي، اسان کي سندس فرمانن جي روشني ۾ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. ??اب??ءِ قوم جي ورسي تي پ??هنجي پ??غام ۾ هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي اصولي سياست، بي لوث قيادت ۽ مسلمانن لاءِ هڪ ڌار وطن جي جدوجهد اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، اڄ اسان کي سندن فرمان جي روشني ۾ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته قائداعظم اسان کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جو درس ڏنو هو، اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان انهن اصولن تي هلندي وطن عزيز جي درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪيون ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيون. گورنر چيو ته قائداعظم جو مشن پاڪستان کي هڪ ترق?? يافته، امن پسند ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ هو جنهن کي تڪميل تائين پهچائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.