اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اهم قدر طور جمهوريت جي مضبوطي ۽ هٿي و??را??ڻ جي عزم جو ورج??ءُ ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي جاري پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ جمهوريت جو ??المي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اهم قدر طور جمهوريت جي مضبوطي ۽ هٿي و??را??ڻ جو ??زم ورجايون ٿا. هن چيو ته اسان جي حڪومت جو ??ئيني قدرن جي پاسداري، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جو ??زم پختو آهي، ان جمهوري قدرن تي عملدرآمد اسان جي قومي طرز عمل جي عڪاسي ڪري ٿو. اچو اڄوڪي ڏينهن اسان اهڙي عالمي معاشري جي قيام جي ڪوشش جاري رکڻ جو ??زم ڪريون جيڪو منصفاڻو، برابر ۽ جامع هجي، گڏيل تعاون سان ئي اسان جمهوريت جي بنيادن کي مضبوط ڪري اهو يقيني بڻائي سگهون ٿا ته هي اميد جي ڏيئي سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي ترقي جو پيش خيمه ثابت ٿئي.