??سل??م آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جا نمائندا ??سل??م آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي م??مانن جي آجيان لاءِ رنگ برنگي بتين، گلن ۽ ايس سي او ملڪن جي جهنڊن ۽ بينرن شهر جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. ايل اي ڊي ڊسپلي اسڪرينون ??سل??م آباد جي مرڪزي چؤڪن تي لڳايون ويون آهن. سڄي شهر جي اهم هنڌن کي رنگ برنگي بتين ۽ پاڪستاني جهنڊن سان سجايو ويو آهي. چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وزيراعظم لي چيانگ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ سومر ڏينهن گاديءَ واري هنڌ پهتو هو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ٻي اعليٰ ترين فورم ايس سي او سي ايڇ جي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل جي م??جوده چيئرمين جي حيثيت سان ڪندو. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي م??مبر ملڪن جي سربراهن ۾ چين جو وزيراعظم ۽ اسٽيٽ ڪائونسل لي چيانگ، بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولوو چينڪو، قزخستان جو وزيراعظم اولز هاس بيڪتا نوف، روس جو وزيراعظم ميخائل ميشوسٽن، تاجڪستان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده، ازبڪستان جو وزيراعظم عبدالله عا??يف??ف، ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينه جي چيئرمين ظفروف عقيل بيڪ، ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير سبرامنيم جئه شنڪر شامل آهن. ان کان علاوه منگوليا هڪ مبصر رياست طور تي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن جي نمائندگي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسرايي ڪري رهيا آهن. ترڪمانستان جي م??مان طور خاص نمائندگي ترڪمن وزيرن جي ڪابينه جي نائب چيئرمين راشد مريدوف ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ٻين اهم شخصيتن ۾ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسل??ن مرزايوف، بورڊ آف ايس سي او بزنس ڪائونسل جو چيئرمين عاف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ايس سي او انٽر بئنڪ يونين جو چيئرمين مارات يلي بائوف شامل آهن. شنگهائي سهڪار تنظيم جي م??مبر ملڪن جي حڪومتي نمائندن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي م??مبر ملڪن جا اڳواڻ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي م??ظوريءَ لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندا.