اسلام آباد -23 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ٽيڪ??ٽا??يل ۽ چمڙي جي شعبي ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني روانگي واپار ڪندڙ ماحول دوست ۽ شفافيت جي عالمي معيار تي پورا لهي رهيا آهن، حڪومت به ٽيڪ??ٽا??يل ۽ ليڌر صن??تن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ پاڪستان جي پنجين عالمي ٽيڪ??ٽا??يل ۽ ليڌر نمائش ٽيڪسپو 2024ع جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. نمائش جو افتتاح وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ نمائش جي مهمان خاص وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ڪيو جڏهن ته خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ٽيڪ??ٽا??يل ۽ ليڌر جي صن??تن ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي، پاڪستاني مصنوعات عالمي معيار جون آهن، ٽيڪسپو ۾ جديد مصنوعات جي نمائش، ٽيڪ??ٽا??يل ۽ ليڌر مصنوعات پاڪستان جي قومي روانگي واپار جو 60 سيڪڙو حصو آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صن??تن عالمي معيار مطابق پاڻ کي تيار ڪري رهيون آهن. حڪومت ٽيڪ??ٽا??يل ۽ ليڌر صن??تن لاءِ صاف توانائي ۽ پاڻي جي بچت تي زور ڏئي رهي اهي. ڪووڊ-19 دوران پاڪستان جي ٽيڪ??ٽا??يل ۽ ليڌر صن??تن جو عزم ۽ جدوجهد تعريف جوڳا آهن. حڪومت صن??تن کي سستي اگهه تي توانائي فراهم ڪرڻ جهڙا ??دم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي روانگي واپار ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. 2022ع ۾ 18.86 ارب ڊالرز جو تاريخي روانگي واپار ٿيو. پاڪستان جي ٽيڪ??ٽا??يل ۽ ليڌر صن??تن جو مستقبل روشن ۽ پائيدار آهي، اسان ٽيڪ??ٽا??يل ۽ ليڌر صن??تن ۾ و??يڪ جدت آڻڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان کي پشاور ۾ به هڪ اهڙي ئي ٽيڪسپو ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسي سگهي ته پاڪستان ڪيترو محفوظ ملڪ آهي، جتي اڄ 52 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي. ڄام ڪمال خان سمورن پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي آجيان ڪندي هر طرح جي تعاون جو يقين ڏياريو.