اسلام آباد- 05 نومبر (اي پ?? پي) وفاقي وزير احسن اقبال صوبا??ي مارڪيٽ ڪمپنين طرفان طلب ۽ رسد کي وقت کان پهريان مانيٽر ڪرڻ تي زور ڀريندي هدايت ڪئي آهي ته عالمي سطح تي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان ۾ ان تناسب سان عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومتن کي پ??هنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه هتي نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪميٽي (اين پي ايم سي) جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ قومي انگن اکرن واري وفاقي اداري، منصوبا بندي وزارت ۽ ڪلي معيشت جي ??اهرن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نعيم اظفر اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ملڪ ۾ ضروري شين جي ??يمتن جي رجحانن تي بريفنگ ڏني. هن ٻُڌايو ته شماريات جي اداري مطابق ٽرانسپورٽ ۽ مرغي جي ??يمتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. کنڊ جي ??يمت عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ ٿيڻ کانپوءِ گهٽ ٿي آهي، جڏهن ته داليون، پٽاٽو، چانور ۽ اٽي جي ??يمتن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته عالمي مارڪيٽ جي رجحان سبب پام آئل جي ??يمت ۾ اضافو ٿيو آهي. وفاقي وزير صوبا??ي مارڪيٽ ڪمپنين طرفان طلب ۽ رسد کي وقت کان پهريان مانيٽر ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته شماريات کاتي جي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير پيٽرول جي ??يمتن ۽ ڪِراين کي چيڪ ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. زراعت کي ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي ??ڏي قرار ڏيندي هن چيو ته ڪڻڪ جي پ??داوار وڌائڻ لاءِ وقت سر قدم ضروري آهن. زرعي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ بزنس پلان جي اڳواٽ تياري ۽ ويليو ايڊيشن تي به توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.