اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) ماهيگيري جو عالمي ڏينهن 21 نومبر خميس تي ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ فشريز کاتي سميت ٻين مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي انتظام هيٺ سيمينار ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪيا ويندا جن ۾ ماهيگيري ۽ آبي حيات سان لاڳاپيل ماهر خطاب ڪندا. پاڪستان جي سامونڊي ڪنارن وارن علائقن ۾ سڀ کان قديم پيشو ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو ماهيگيري آه??، پاڪستان ۾ ڪراچي جي سامونڊي مڇيءَ جي روانگي واپار سان وڏو ناڻو ڪمايو ويندو آه??. اڄ 21 نومبر تي ماهيگيري جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ملاحن جي مسئلن سميت ماهيگيري جي صنعت ۽ ان صنعت سان لاڳاپيل مسئل?? کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي حل جي حوالي سان ڪوشش?? کي هٿي وٺرائڻ آه??، جڏهن ته ماهيگيري جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ ملاح فورم پاران ڄامشورو ۾ المنظر جي ڀرسان درياءَ جي ڪنڌيءَ تي جلسو منعقد ڪيو ويندو. جنهن ۾ شرڪت لاءِ ملاحن سان گڏ سول سوسائٽي سميت سياسي ۽ سماجي تنظيم?? کي دع??ت ڏني وئي آه??. المنظر ڀرسان موجُود ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ منعقد ٿيندڙ هن جلسي جي صدارت سنڌ ملاح فورم جو چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي ڪندو.