اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ سيد يوسف رضا گيلاني طرفان غير قانوني فون ??يپنگ خلاف داخل 28 سال پ??را??ي درخواست جي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ گذريل ڏينهن درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. جسٽس محمدع??ي مظهر جي انٽيليجنس ايجنسين طرفان فون ??يپ ڪرڻ بابت ملڪي قانون جي پُڇاڻي تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته 2013 ع کان هڪ قانون ??وجود آهي، جنهن ۾ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي کي فون ??يپ ڪرڻ جي حوالي سان نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي. اٽارني جنرل چيو ته فون ??يپنگ جو قانون عدالتي نگراني تحت واضح طريقيڪار سان موجود آهي. جسٽس محمدع??ي مظهر سوال جاري رکندي ريمارڪس ڏنا ته قانون ??ون ??يپنگ جي اجازت صرف انهي صورت ۾ ڏيندو آهي جڏهن ڪو حاضر سروس جج اجازت ڏي. ڇا ان حوالي سان ڪنهن جج کي به ڄاڻ ڏني وئي هئي؟ جسٽس امين الدين خان مدخلت ڪندي ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي تفصيلن ۾ دلچسپي ناهي نتيجن ۾ آهي. اٽارني جنرل جج جي مقرريءَ جي حوالي سان اڻڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيو جنهن تي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اهو معاملو ڪيترن ئي ٻين ڪيسن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو چيف جسٽس جي چيمبر کان شروع ئي ٿو. جسٽس محمدع??ي مظهر ريمارڪس ڏنا ته قانون بنا فرق جي فون ??يپ ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ (اي او آر) عدالت کي ٻُڌايو ته کيس درخواستگذار جو پتو لڳائڻ ۽ رابطو ڪرڻ ۾ ڏُکيائي درپيش آهي، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل جو هڪ سال اڳ لاڏاڻو ٿي چڪو آهي. عدالت ??ون ??يپنگ معاملي ۾ چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.