اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي باباءِ قوم ق??ئد??عظم محمدعلي جناح کي قيام پاڪستان لاءِ ??ندس شاندار خدمتن تي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيام ۾ ق??ئد??عظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ق??ئد??عظم جهڙا سچا، ايماندار ۽ ديانتدا?? اڳواڻ ئي ملڪن جي تقدير بدلائيندا آهن. اتحاد، ڀائيچاري، مذهبي رواداري ۽ گڏيل بقا اڄ جي ڏينهن جو پيغام آهي. ق??ئد??عظم جي پيدائش جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته مسلمان دنيا جي مدبر ۽ عظيم اڳواڻ ق??ئد??عظم کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. هي ڏينهن پاڪستان کي قائد جي ويزن مطابق عظيم ملڪ بڻائڻ جي عهد جو ڏينهن آهي. محسن نقوي چيو ته ق??ئد??عظم اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزاديءَ جي اهميت تي زور ڀريو. ق??ئد??عظم پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ مذهبي رواداري جو علمبردار هو. گهرو وزير چيو ته هڪ قوم جي حيثيت سان اسان کي اقليتن جي حقن ۽ مذهبي رواداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ق??ئد??عظم جي اصولن تي عمل ڪري اڳتي وڌڻو ۽ قومي مفاد ۾ ذاتي اختلافن کي پٺتي رکي وطن لاءِ ??وچڻو آهي. هن چيو ته ق??ئد??عظم پنهنجي قيادت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حقن لاءِ ??اريخي ڌارا مٽائي، مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ آزاد مسلمان رياست جي خواب کي عملي جامو پهرايو. هن چيو ته ق??ئد??عظم جي اڻٿڪ جدوجهد جي ڪري اڄ اسان آزاد وطن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. ق??ئد??عظم جو اهو احسان قيامت تائين نٿا لاهي سگهون. گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي تخليق ۾ ق??ئد??عظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ق??ئد??عظم تحمل، برداشت، مساوات ۽ رواداريءَ تي ٻَڌل معاشري جو خواب ڏٺو هو. اهڙي فلاحي معاشري لاءِ ??ڀني کيگڏجي پنهنجون توانائيون ڪتب آڻڻيون پونديون ته جيئن قائد جي خواب کي عملي جامو پهرائي سگهجي.