اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ا??سا??ي اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل تازن قدمن کي ساراهيندي چيو آهي ته ا??سا??ي اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروايون خوش آئنده آهن، ا??سا??ي اسمگلنگ ۾ ملوث سمورن گروهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي عبرت جو نشان ب??اي?? وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ا??سا??ي اسمگلنگ جي خلاف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ايف آءِ اي پاران ا??سا??ي اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته ا??سا??ي اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف تازين سخت ڪاررواين جي شروعات خوش آئنده آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سهولتڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي کانپوءِ سخت قدم پڻ کنيا وڃن. ملڪ ۾ ا??سا??ي اسمگلنگ جي سمورن گروهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن اهي عبرت جو نشان بڻجن. وزيراعظم حڪم ڏنو ته ا??سا??ي اسمگلرن جي ملڪيتن ۽ اثاثن جي ضبطگي جي لاءِ فوري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ۽ ان مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر ب??اي?? وڃي ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ اعليٰ ترين درجي جا وڪيل مقرر ڪيا وڃن. پرڏيهي آفيس ٻاهرئين ملڪن مان ا??سا??ي اسمگلنگ جو ڪاروبار هلائيندڙ پاڪستانين جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن سان رابطو ڪري ?? انهن جي پاڪستان حوالگي جي حوالي سان جلد کان جلد قدم کڻي. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي گهرو وزارت جي تعاون سان عوام ۾ ٻاهرئين ملڪ نوڪرين جي لاءِ رڳو قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ اهڙن ٽيڪنيڪل ٽريننگ ادارن جو واڌارو ڪيو وڃي جيڪي موجوده دور جي گهرج?? موجب سرٽيفائيڊ ۽ پيشيواراڻي مهارت رکندڙ افرادي قوت ٻاهرئين ملڪ فراهم ڪري سگهن. هن هوائي اڏن تي ٻاهرئين ملڪ ويندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ جو عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ ا??سا??ي اسمگلنگ جي خلاف کنيل قدمن، سهولتڪارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ۽ ا??سا??ي اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ قانونسازي جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.