اسلا?? آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائم پارلياماني ٽاسڪ فورس جي چيئرپرسن رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته ايشيا پيسفڪ ملڪ مسئلن جي حل لاءِ گڏجي حڪمت عملي جوڙين ڇو ته هي سفر هڪ ٻن ڏينهن جو نه آهي پر هڪ مسلسل جدوجهد آهي، اڄ پاڪستان متاثر ٿيو آهي سڀاڻي ڪو به ملڪ متاثر ٿي سگهي ٿو. آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ري??ن جي ٽئين سيمينار جي پڄاڻي ??يش?? ۾ مختلف ميمبر ملڪن پاران سيمينار کي ڪارائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ايران پاران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته اسان کي سيمينار کي نتيجا خيز بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو نه ته سمو??يو?? ڪوششون ضايع ثابت ٿينديون. ويتنام جي نمائندي جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ٻوڏ جون تباهيون درپيش آهن اسان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪ??يو?? ٿا. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي عالمي سطح تي مدد ڪرڻ گهرجي. نيپال تجويز ڏني ته سمورن ايشيائي ملڪن کي هڪ جهڙا مسئلا درپيش آهن ان لاءِ اسان سڀني کي هڪ گڏيل پارلياماني مڪينزم جوڙي انهن مسئلن مان نڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. سيمينار جو پڄاڻي ??يش?? اڄ اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.