اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي بنيادي ايجنڊا ڪرپشن جو خاتمو آهي، ڪرپشن ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ان جي ڪري ملڪ ترقي ۽ خوشحالي کان ??حر??م رهيو، سڄي ملڪ ۾ احتساب جو عمل بنا فرق ۽ بنا ر??او?? جاري ر??ندو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گو??نر عمران اسماعيل جي سربراهي ۾ سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ اتحادي پارٽين جي ميمبرن تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي ر??يو هو.