اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وفاق?? ڪابينا 2020ع کي روزگار جو سال قرار ڏيندي مخ??لف ويزارتن ۽ ڊويزنن کي منظور ٿيل هڪ لک 29 هزار نوڪرين جي لاءِ ڀرتين جي قانوني عمل کي ايندڙ 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 2017ع جي آدمشماري موجب وفاقي نوڪرين ۾ فاٽا ۽ گلگت بلتستان جي چار سيڪڙو کي جدا ڪرڻ، قومي صحت ۽ خدمتن واري وزارت جو نالو تبديل ڪري صحت ۽ آبادي ڪرڻ، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ترميم ٿيل ايئر سروسز جي معاهدي جڏهن ته ريئر ايڊمرل ذڪاءُ الرحمان کي پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل، برگيڊيئر ضياءَ عابد باجوه کي هيوي ان??سٽ??يز ٽيڪسلا ۾ ميمبر پروڊڪشن ۽ سردار عبدالمجيد خان کي وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ريجنل آفيس ڪراچي ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاق?? ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا کي مخ??لف وزارتن پاران عوامي ڀلائي جي ڏس ?? نشاندهي ڪيل نئ??ن قدمن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.