اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 2020ع کي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي آسانين جو سال قرا?? ڏيندي سينيٽ جي اسٽ??نڊ??گ ڪميٽي کي خاطري ڪرائي آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي نوڪرين جي تحفظ، هيلٿ انشورنس ۽ ا?? او بي آءِ کان رجسٽريشن جي لاءِ جرنلسٽ پروٽيڪشن قانون مشاورتي عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جو ويزن ۽ واضح هدايتون آهن ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي ادائگي، نوڪرين جي تحفظ ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ جو معاملو مستقل بنيادن تي جلد حل ڪيو وڃ??. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽ??نڊ??گ ڪميٽي کي صحافين جي تحفظ، پگهارن ۽ رهتن جي ادائگي جي معاملن تي بريفنگ ڏئي رهي هئي.