اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ڪاروباري طبقي کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا مو??ود آهن، سياحت جي فروغ سان مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائڻ ۾ مدد ملندي ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، توانا??ي جي شعبي ۾ نقصانن کي روڪڻ ۽ عوام تي پوندڙ بار ۾ گهٽتائي آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري ايڊوائيزري ۽ ڪنسلٽنٽ ڪمپني ميڪنزي جي گلوبل مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪيون سنيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس م??اق??ت ڪئي.