اسلام آباد – 06 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اي پي پي ۾ ڏور رس سڌارا متعارف ڪرايا پي?? وڃن، اي پي پي ويب ٽي وي جي سيٽلائيٽ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ پيمرا سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، هڪ ارب 14 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان اي پي پي ٽي وي کي سگهه ڏيڻ، نئين سروسز متعارف ڪرائڻ، سوشل ميڊيا، گلوبل ريچ ۽ مارڪيٽنگ بابت نوان منصوبا آندا پي?? وڃن جڏهن ته اسٽينڊنگ ڪميٽي روزاني اي??يئ?? نيوز جي بندش، صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۽ س??اد ترين کي ڌمڪيون ڏيڻ جي معاملو ايندڙ اجلاس ۾ بحث هيٺ آڻڻ جو فيصلو ڪيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ميمبر چوڌري نديم عباس ربيره جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو.