اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ڪرونا وائرس سان اسرندڙ مل??ن جون معيشتون تباهي جو شڪار ٿي سگهن ٿيون، ترقي يافته ملڪ پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ جا ڪجهه قرض معاف ڪرڻ تي غور ڪن. آمريڪي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪڏه?? پاڪستان ۾ ڪرونا جو مسئلو شدت اختيار ڪري ٿو ته ان سان حڪومت طرفان خراب معيشت کي بهتر بنائڻ جي حڪومتي ڪوششون متاثر ٿيڻ، بر??مد??ت ۾ گهٽتائي، بيروزگاري ۾ اضافي ۽ قرض جو بار وڌڻ جو خدش?? آهي.