اسلام آباد – پهرين جون (ا?? پي پي) قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي پهچي ويو ۽ هن پنهنجون ذميداريون سنڀالي ورتيون، ق??مي اسيمبلي جي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن اسپيڪر کي 5 جون تي شروع ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني، اسپيڪر اجلاس جي انتظامن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ هدايتون ڏ??يون آهن.