اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) ڪور??نا وبا جي خاتمي لاءِ نيشنل ڪمانڊ اي??ڊ آپريشن سينٽر (اي?? سي او سي) ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌا??و ويو ته ڪور??نا جي ٽيسٽ لاءِ هن وقت سڄي ملڪ ۾ 102 ليبارٽريون ڪم ڪري رهيون آهن. ان کانسواءِ فورم ۾ فرنٽ لائين تي ان وبائي مرض جي خلاف منهن ڏيندڙ هيروز جي لاءِ حوصلي جوڳي پئڪيج ۽ جون/ جولاءِ ۾ وبا جي خلاف اضافي ضرورتن جو پڻ جائزو ورتو ويو. ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرڻ ۽ سماجي فاصلن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي پوري ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٺاهيل صوبائي ٽيمون مارڪيٽس، صنعتن، ٽرانسپورٽ ۽ وائرس جي امڪاني ڦهلاءُ وارين جاي?? تي آپريشن ڪيو.