اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مل?? جي نوجوانن ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ بي انتها صلاحيت موجود آهي، ان شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ نوڪرين جا م??قع?? پيدا ٿيندا پر ان سان مل??ي برآمدات ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، آءِ ٽي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو اظهار مل?? ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هتي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، اطلاعات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار ڊا??ٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊا??ٽر عشرت حسين، عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊا??ٽر شهباز گل، وفاقي سيڪريٽريز، ايف بي آر چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ آءِ ٽي سي??ٽر سان تعلق رکندڙ مختلف ڪمپنين جا نمائندا شريڪ ٿيا.