اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 756 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آ??ا ۽ 11 مريض اسپتالن ۾ ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 862 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 234، پنجاب ۾ 11 هزار 601، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 337، اسلام آباد ۾ 4 هزار 832 ، بلوچستان 859 ، گلگت ب??تس??ان ۾ 270، آزاد ڪشمير ۾ 729 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 ل?? 5 هزار 395 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 77 مريض آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 209 آهي. سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 ل?? 21 هزار 218 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 268، بلوچستان ۾ 15 هزار 599، گلگت ب??تس??ان ۾ 3 هزار 982، اسلام آباد ۾ 17 هزار 681، خيبرپختونخوا ۾ 38 هزار 464، پنجاب ۾ هڪ لک هڪ هزار 237 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 40 هزار 997 مريض آهن، سڄي م??ڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 614 آهي.