اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي)وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته ڪراچي ۾ رچايل ڊرامي جو مقصد ??دعنواني جو تحفظ ۽ اين آر او گهرڻ آهي. ڊرامي ذريعي مادر ڪوڙ کي مادر ملت بنائڻ چاهين ٿا. نواز شريف انقلابي آهي ته ملڪ واپس اچي آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪري ۽ باقي زندگي جيل ۾ گذاري. عمران خان جيڪو چوندو آهي اهو ڪري ڏيکار??ند?? آهي. جيستائين عمران خان جي زندگي آهي ڀلي وزيراعظم رهي يا نه رهي، هو ان کي ڪرپشن ڪرڻ نه ڏ??ند??. حڪومت لٽيل دولت جي واپسي ۽ بهتر حڪمراني طرف توجهه ڏئي رهي آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز گل چيو ته بدقسمتي سان 40 سالن ۾ 2 ٽبر سياست ۾ آيا آهن. جن ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ بي ايس سي ڪئي آهي، پر ان باوجود هر ڀيري پڪڙجي پوندا آهن. اهي ماڻهو پهرين ص??ائي سان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. ميڊيا ۾ من پسند دوستن ذريعي لانچ ڪيا ويندا آ??ن ۽ انهن جي ٽائيمنگ به اهڙي رکندا آهن جنهن سان انهن کي فائدو ٿئي.