اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي پريزيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سمورن شعبن خاص طور تي معيشت، واپار، سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، دفاعي صنعت ۽ تعليم ۽ ثقافت ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان بوسنيا هرزيگووينا جي پريزيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان جا ??وسنيا هرزيگووينا سان ڀائراڻا لاڳا??ا آهن جيڪي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن.