اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??نيٽر شبلي فراز جماعت اسلامي پاڪستان ??ي امير س??نيٽر سراج ??لحق جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هڪ تعزيتي پيغام ۾ هن الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته مرحومه جي روح کي ابدي سڪون عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق ۽ صبر جميل عطا فرمائي.