اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن تائين گئس جي قيمت ۾ اضافو نه ڪيو وڃي، ڪڻڪ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي حڪومتي ۽ نجي شعبي پاران مستقبل ۾ ڪڻڪ جي درآمد جا فيصلا وقت تي ڪيا وڃن، جڏهن ته وزيرا??ظم ک?? ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ 7 ارب روپين جي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽي، کنڊ ۽ ٻين ضروري ??ين جي قيمتن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، مح??د حماد اظهر، سيد فخر امام، عمر ايوب، اسد عمر، خاص مددگار نعيم بابر، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، ناڻي وارو اڳوڻو وزير شوڪت ترين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنيادي ضروري ??ين خاص طور تي اٽي جي قيمت ۾ استحڪام، کنڊ جي موجوده قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان قدمن، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ويو. وزيرا??ظم حڪومتي معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته حڪومت پاران ٽارگيٽيڊ سبسڊي اسڪيم متعارف ٿيڻ تائين اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي. وزيرا??ظم عمران خان چيو ته غريب ماڻهن کي اٽي جي حوالي سان سڌو سنئون سبسڊي جي فراهمي لاءِ مفصل پروگرام متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن جي ڪري ??ٽي جي خريداري ??ي حوالي سان معاشري ??ي ڪمزور طبقن کي حڪومت پاران سڌو سنئون سبسڊي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومتي سبسڊي جو مقصد معاشري ??ي ڪمزور طبقن جي مالي مدد آهي ته جيئن ان تي مهانگائي جو بار ممڪن حد تائين گهٽ ڪري ??گهجي.