ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان گوادر کي خصوصي اهميت حاصل آهي، ج??گرافيائي جي حوالي سان بلوچستان سينٽرل ايشيا تائين پهچ جو بهترين ذريعو آهي جنهن سان وچ ايشيائي م??ڪن سان معاشي ۽ واپاري م??قعا وڌائڻ جا روشن امڪان آهن. صدر چيو ته سي پيڪ جي ڏس ۾ اسان کي نئين نسل کي جديد هنر سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ پارليامينٽرينز سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ وڏو وزير ڄام ڪمال خان پڻ موجود هئا. ايوان صدر جي م??ڊيا ونگ موجب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي امن امان جي صورتحال، ج??ري ترقياتي م??صوبن، سرحدي واپار، بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ، لينڊ ڊيجيٽلائيزيشن مئنيجمينٽ، نئين ليبر قانونن، صوبي ۾ سياحت جي فروغ ۽ خطي ۾ رونما ٿيندڙ معاشي ۽ سياسي تبديلين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پارليامينٽرينز سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بلوچستان ۾ زراعت، ماهيگيري ۽ لائيو اسٽاڪ جي ترقي جا ڀر??ور موقعا موجود آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان صحيح رخ ۾ قدم کڻون ۽ دستياب وسيلن جي محتاط استعمال کي يقيني بڻايو وڃي.