اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ايندڙ چونڊن کي وڌيڪ شفاف، محفوظ ۽ غيرجانبدار بڻائڻ جي لاءِ چونڊ عمل جي سمورن مرحلن ۾ سڌارا آڻيندي هڪ ٺوس طريقيڪار اختيار ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين ۽ ٻين لا??اپ??ل ڌرين جي قومي ذميواري آهي ته اهي ملڪ ۾ چونڊ نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن. هن آئي ووٽنگ جي طريقيڪار جي ذريعي چونڊن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششن کي تيز ??رڻ تي پڻ زور ڏنو ته جيئن اهي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ??رڻ جي قابل بڻجي سگهن. هو ايوان صدر ۾ چونڊ سڌارن جي عمل بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر سيد شبلي فراز، ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهيرالدين بابر اعواڻ ۽ سرور باري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ موجوده چونڊ قانونن کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ چونڊ سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي لاءِ سياسي پارٽين ۽ ٻين لا??اپ??ل ڌرين جي وچ ۾ اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي به اجاگر ڪيو ويو ته سياسي پارٽين کي عورت اميدوارن جي چونڊ ۽ خاص طور تي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن کي ڀرڻ جي لاءِ وڌيڪ جمهوري عمل اختيار ??رڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ هڪ کان وڌيڪ تڪن تان اليڪشن وڙهندڙ اميدوارن جي معاملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جا عملي مظاهرا ان بابت آگاهي پيدا ??رڻ ۽ چونڊن ۾ ان جي استعمال بابت ڪنهن به قسم جي شڪ کي ختم ??رڻ جي لاءِ ڪيا پيا وڃن. صدر سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي پاڪستاني عوام جي بنيادي ??ياسي حقن جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.