اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته پي ايم ڊي اي تي سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين جاويد ??طيف سب ڪميٽي جوڙي، عين ??قت تي سب ڪميٽي جي اجلاس کي ملتوي ڪري مريم اورن??زي?? سميت مخالف ڌر پارليامينٽ جي فورم کي پاڻ بي توقير ڪري رهي آهي. سومر ڏينهن مريم اورن??زي?? جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته اها سب ڪميٽي مسلم ليگ ن جي مريم اورن??زي?? جي سربراهي ۾ جوڙي وئي، سب ڪميٽي جو اڄ سومر تي پهريون اجلاس پاڻ گهرائي عين ??قت تي ملتوي ڪيو ويو، پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جو سبق ڏيندڙن جو منافقاڻو رويو کلي سامهون اچي ويو آهي. هن چيو ته انهن لاءِ ميڊيا جي ڊولپمينٽ، فيڪ نيوز جي خاتمي ۽ روڪنگ جرنلسٽ ۽ ميڊيا ورڪرز جي نوڪرين جي تحفظ، وقت سر پگهارن جي ادائيگي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڪا دلچسپي نه آهي.