اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ا??صاف ۽ قانون جي بالادستي مڪمل طور تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قد?? کڻي رهي آهي، معاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي هر طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان سان برطانيا جي پارليامينٽ ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لارڊ واجد خان، ناز شاهه ۽ محمد ياسين شامل هئا. وفد وزيراعظم کي اسلامو فوبيا تي آواز اٿارڻ ۽ مديني جي رياست جي طرز تي پهريون ڀيرو م??اش?? ۽ سماجي طور تي پيڙهيل طبقن جي لاءِ سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي جا قد?? کڻڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ نئين چونڊيل حڪومت جي عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل قد??ن کي پڻ ساراهيو. ملاقات ۾ موجوده حڪومت جي مختلف قد??ن، عوام دوست پاليسين ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان قد??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته نظام حڪومت جي حوالي سان اسان جو ماڊل مديني جي رياست آهي، فلاحي رياست ۽ قانون جي بالادستي مديني جي رياست جا سنهري اصول هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ا??صاف ۽ قانون جي بالادستي مڪل طور تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قد?? کڻي رهي آهي، معاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي هر طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي.