اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ پوري انسانيت جي لاءِ رحمت آهن، نبي آخرالزمان ﷺ جي تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي، رح??ت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ سان اسلامو فوبيا سميت مسلمان امت کي درپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رح??ت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان مسلمان ملڪن جي سفيرن سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم عمرا?? خان سفيرن کي رح??ت للعالمين اٿارٽي جي ويزن ۽ مقصدن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمرا?? خان چيو ته نبي ڪريم ﷺ پوري انساني جي لاءِ رحمت آهن. پاڻ ﷺ اسلام جي آفاقي پيغام کي پوري دنيا تائين پهچايو. هن چيو ته عدل ۽ انصاف، قانون جي حڪمراني، عوام جي ڀلائي ۽ علم حاصل ڪرڻ تي خاص ڌيان مديني جي رياست جا بنيادي اصول هئا. هن چيو ته حقيقي ترقي ۽ سماجي ڀلائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حضور نبي ڪريم ﷺ جي تعليم جو فهم ۽ عملي زندگي ۾ انهن کي لاڳو ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته رح??ت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بنيادي مقصد گڏيل تحقيق ذريعي نوجوانن کي اسوه حسنه ﷺ جي سمورن رخن کان روشناس ڪرائڻ، سوشل ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي متنوع اثرن جي زد ۾ آيل اسلامي تشخص، قدرن ?? ثقافت جي تحفظ جي لاءِ ضروري مدد فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته رح??ت للعالمين اٿارٽي سڄي دنيا ۾ اسلامي اسڪالرز سان رابطو ڪندي، انهن سان مسلمان نوجوانن کي دپيش موجوده مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ ان اٿارٽي قائم ڪرڻ سان جديد چئلينجز خاص طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي سان ٺوس، منطقي ۽ علمي ردعمل ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم اسلام جي اصولن ۽ حقيقي تعليم موجب مسلمان نوجوانن جي ڪردارسازي جي لاءِ اسڪولن ۾ اخلاقيات جي تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن نوجوان نسل جي شخصيت سازي ۽ طرز زندگي تي اثرانداز ٿيندڙ پرنٽ، ڊيجيٽل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم مسلمان ملڪن جي سفيرن کي دعوت ڏني ته اهي ان سلسلي ۾ پنهنج?? تعميري خيال ۽ راءِ پن پيش ڪن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان مقصد جي لاءِ نه رڳو حڪومتي سطح تي پر مسلمان ملڪن جي دانشورن ?? علم سان واڳيل ماهرن جي وچ ۾ پڻ موثر حصيداري عمل ۾ آڻي سگهجي. سيشن ۾ شريڪ سفيرن وزيراعظم عمرا?? خان پاران رح??ت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ ۽ وزيراعظم عمرا?? خان جي ڪوششن کي ساراهيو. هنن وزيراعظم عمرا?? خان پاران هر عالمي فورم تي مسلمان امت کي درپيش مسئلا اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جو آواز بلند ڪرڻ کي پڻ ساراهيو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.