اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف آمريڪا جي اڳوڻي صدر سجاد برڪي ملاقات ڪئي آه??. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آه?? ته ملاقات دوران سجاد برڪي وزيراعظم کي سمنڊ پار پاڪستانين کي راءِ جو حق ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي رقم مو??لڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ سوهني ڌرتي ريميٽنس پروگرام بابت سمنڊ پار پاڪستانين جي پذيرائي کان پڻ آگاهه ڪيو.