اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري خيبرپختونخوا کانپوءِ پنجاب ?? سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ?? 377 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 15 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 16 سيڪڙو، ملتان 16 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 9 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان ملتان ۾ 38 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 12 سيڪڙو ۽ صوابي ۾ 18 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 44 هزار 137 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 443، پنجاب ?? 17 هزار 173، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 289، اسلام آباد ۾ 4 هزار 542، بلوچستان ۾ 1106، گلگت بلتستان ۾ 312 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ 272 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 12 لک 42 هزار 718 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 102 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 14 هزار 168 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 85 هزار 631 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 563، بلوچستان ۾ 33 هزار 488، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 412، اسلام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 665، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 80 هزار 146، پنجاب ?? 4 لک 43 هزار 240 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 76 هزار 17 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 28 هزار 745 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار 622 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. پنجاب ?? 13 هزار 28 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 851 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 956 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ ڪل 360 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 186 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 742 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 2 ڪروڙ 20 لک 72 هز??ر 293 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 945 مريض علاج هيٺ آهن.