اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ترقياتي حصيدارن ۽ عالمي ??رادري تي زور ڏنو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ نظراندز ڪيل هڪ ارب معذور ماڻهن جي ٽيڪنالاجي مدد جي ذريعي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ تعاون ڪري، معذور ماڻهن جي زندگين ۾ آساني آڻڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان ان معاملي تي عالمي ??رادري جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ عالمي ??طح تي ڪوششن ۾ سڀني کان اڳيان آهي.
اهڙن خي??لن جو اظهار هن ٻي معذوري سربراهه اجلاس جي ڏس ۾ مددگار ٽيڪنالاجي (اي ٽي) کي متحرڪ ڪرڻ جي موضوع تي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو ايڊ اسڪيل گلوبل پارٽنرشپ فار اسسٽيو ٽيڪنالاجي ۽ صحت جي عالمي ??داري جي تعاون سان ڪيو هو. ڊبليو ايڇ او پاڪستان صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي جي ورچوئل خطاب لاءِ اهتمام ڪيو هو. ان تقريب جو مقصد عالمي ??يجنڊا تي مدگار ٽيڪنالاجي جي پهچ ۾ اضافي جي اهميت جي وڪالت ڪرڻ هو، شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف عوي چيو ته 90 سيڪڙو گڏيل معذوري جي ماڻهن جي مددگار ٽيڪنالاجي تائين پهچ نه آهي، انهن ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ مددگار ٽيڪنالاجي تائين انهن جي پهچ ۾ بهتري اهم معاملو آهي. هن چيو ته هو ۽ سندس گهرواريءَ بيگم ثمينه ع??وي معذور ماڻهن جي مسئلن ۽ حقن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته دنيا کي معذور ماڻهن جي مددگار ٽيڪنالاجي تائين پهچ ۾ بهتري لاءِ پاليسي سازي ۽ عزم جي ضرورت آهي، انهن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي ۽ ڪجهه وقت کين عينڪ جهڙين سادين شين جي ضرورت هوندي آهي، آسان مددگار ٽيڪنالاجي جي ذريعي معذور ماڻهن کي مدد فراهم ڪري سگهجي ٿي.
هن چيو ته پاڪستان ان معاملي تي عالمي ??رادري جو ڌيان ڏيارڻ لاءِ عالمي ??طح تي ڪوششن ۾ سڀني کان اڳيان آهي. پاڪستان 15 سال اڳ معذور ماڻهن جي حقن بابت ڪنوينشن تي صحيحون ڪيون آهن ۽ هي صحت جي عالمي ??داري جي ايگزيڪٽو بورڊ ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ ان معاملي کي شا??ل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. مستقبل ۾ ان تي تفصيلي بحث ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان معذور ماڻهن تائين پهچ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ احساس پروگرام جي ذريعي کين امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته صحت جي عالمي ??داري جي ريپڊ اسسمنٽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي پاڪستان پنهنجي پوري نه ٿيندڙ ضرورتن ۽ وسيلن ۾ فرق جو جائزو ورتو آهي ۽ ان فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪيون وينديون. صدر چيو ته 21 هين صدي ۾ دنيا کي هڪ ارب معذور ماڻهن جي ضرورتن کي ڏسڻ گهرجي جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ انهن جي ٽيڪنالاجي جي بنياد تي مدد جي ضرورت آهي. هن معذور ماڻهن جي ضرورتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ عالمي ??طح تي مددگار ٽيڪنالاجي تائين پهچ ۾ بهتري لاءِ اي ٽي اسڪيل ۽ صحت جي عالمي ??داري جي ڪوششن کي ساراهيو.
واضح رهي ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي ??طح تي اي ٽي جي ايجنڊا کي پکيڙڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان ڊبليو ايڇ او سان سهڪار ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن اي ٽي تي عالمي ۽ علائقائي مسئلن کي حل ڪرڻ ?? اهم ڪردار ادا ڪيو. 69 هين عالمي ??حت اسيمبلي جنيوا جي دوران مددگار مصنوعات جي فهرست جاري ڪئي، اوڀر بحيره روم ۾ 22 ملڪن لاءِ علائقائي اسٽريٽجڪ اي ٽي فريم ورڪ تيار ڪيو، ريپڊ اي ٽي اسسمنٽ سروي ڪرايو ۽ اي ٽي بابت اسلام آباد پڌرنامو پيش ڪيو.