اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ڪورونا وبا دوران پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي بحران ۾ عوامي ريليف کي يقيني بڻايو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪي اقتصادي صورتحال ۽ عالمي سطح تي ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن بابت اعليٰ سطحي اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ وزيراعظم جي تازي روس جي دوري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن تي اڳڀرائي تي تفصيلي غور فڪر ڪيو ويو، اج??اس م وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، حماد اظهر ۽ خاص معاون ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسرندڙ ملڪ عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. حڪومت ڪورونا جي دوران پيدا ٿيندڙ مهانگائي جي عالمي بحران ۾ عوامي ريليف کي اولين ترجيح ڏني. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهو تائين پهچڻ کان روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اج??اس کي ملڪي مجموعي اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته تازي ڇڪتاڻ جي صورتحال جي ڪري عالمي سطح تي تيل جون قيمتون 100 ڊالر في بيرل کان وڌي ويون آهن جڏهن ته گئس جي قيمتن ۾ پڻ ٽي کان پنجوڻ تي اضافو ٿيو آهي. ان سان گڏوگڏ کا??ي پيتي جي ش??ن خاص طور تي پام آئل (کاڄرو تيل) جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. اج??اس ۾ وزيراعظم کي احساس پروگ??ام جي مختلف اسڪيمن ۽ عوامي ريليف جي لاءِ انهن ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.