اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت جي ڏ?? ۾ او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ”هم مصطفوي“ کي ٻيهر رڪارڊ ??يو ويو آهي، ان تراني جي ڌُن ۽ ٿهيم پراڻي آهي، جميل الدين حالي جو لکيل اهو ترانو قرآن ڪريم سان ماخوذ آهي ۽ ان ۾ خوبصورت زبان ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي و??ي آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي آفيشل گاني جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته تراني جو ٿهيم ”الله جي رسيءَ کي مضبوطي سان پڪڙي رکو ۽ فرقي ۾ نه پئو“ آهي. هن چيو ته تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻين ٿا ته هي ترانو او آءِ سي جو آفيشل ترانو آهي، 1974ع ۾ هڪ قرارداد جي ذريعي ”هم مصطفوي“ کي او آءِ سي جو آفيشل اينٿم ڊڪليئر ??يو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ترانو اردو زبان ۾ آهي پر ان ۾ عربي، فارسي جو ٿهيم به موجود آهي، 1974ع ۾ او آءِ سي ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو اهو ترانو پيش ??يو ويو. هن چيو ته تراني جو ميوزڪ ويسٽرن ڪلاسڪ ۽ اهو ترانو يونيورسل زبان ۾ آهي جنهن ۾ خوبصورت زبان ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي و??ي آهي. هن چيو ته اطلاعات واري و??ارت ڪوشش ڪئي آهي ته تراني جي اصل شڪل کي برقرار رکيو وڃي.